شهيد ڀٽو جي ورسي، جيالن پاران ڪئنال سمورا نامنظور جا نعرا

نئون ديرو: ايشيا جي عظيم ليڊر ۽ پ پ جي باني قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46 هين ورسيءَ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، ورسي جي موقعي تي مزار سامھون وڏو اسٽيج ۽ جلسي گاھ تيار ڪيو ويو جڏھن ته سنڌ سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان پارٽي ڪارڪنن، جيالن ۽ عام ماڻهن جو وڏو انگ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي ويا، جن ۾ عورتون، مرد، ٻڍا توڙي ٻارڙا شامل هئا، تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان پارٽي ڪارڪن ۽ جيالا قافلن جي صورت ۾ ڳڙھي خدا بخش ڀٽو پھچي پنهنجي شهيد قائدين جي مزارن تي حاضري ڀري جذباتي انداز ۾ “زندھ ھي بيبي زندھ ھي”، “جب تڪ سورج چاند رھي گا ڀٽو تيرا نام رھي گا”، جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا جنهن ڪري مزار ڪارڪنن جي آواز سان گونجي اٿي، مزارتي حاضري ڀريندڙ ڪارڪنن ڪئنال سمورا نامنظور جا زوردار نعريٰ پڻ هنيا. جلسي کي بلاول ڀٽو زرداري،  ايم اين اي خورشيد جوڻيجو، روبينا خالد، اعجاز جکراڻي، نثار کهڙو، راجا پرويز اشرف سميت مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻن خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.