اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف زلزلي سبب متاثر ملڪ ميانمار کي هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف ميانمار جي سفارتخاني ۾ سفير وناهان سان ملاقات ڪئي ۽ زلزلي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي ساڻس ڏُک جو اظهار ڪيو.
ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ميانمار زلزلي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي ۽ متاثرن جي بحالي لاءِ دعاگو آهيون.
هن چيو ته امدادي سامان تي ٻڌل 35 ٽن جي هڪ کيپ خاص اُڏام ذريعي اُماڻي چڪا آهيون، جڏهن ته وڌيڪ ضروري سامان ميانمار موڪليو پيو وڃي.
شهباز شريف چيو ته هن ڏکي مهل ۾ پاڪستان ميانمار جي هر ممڪن مدد لاءِ تيار آهي.
ميانمار جي سفير وزيراعظم جي سفارتخاني آمد ۽ سهڪار تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان ۽ ميانمار دوست ملڪ آهن، مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي سهڪار تي ميانمار جي قوم ٿورائتي آهي.
زلزلي جون تباهڪاريون: وزيراعظم جي ميانمار جي سفارتخاني جو دورو، هر ممڪن مدد جي خاطري
You might also like