راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) حڪومتي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کانپوءِ افغان شهرين خلاف ڪارروائي تيز ڪئي وئي آهي.
پوليس ذريعن موجب، افغان سٽيزن ڪارڊ رکندڙن جون گرفتاريون شروع ڪيون ويون آهن ۽ پنجاهه کان وڌيڪ افغان شهرين کي پناهگير ڪئمپ منتقل ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان سٽيزن ڪارڊ رکندڙ خاندانن کي به تحويل ۾ وٺي ڪئمپ منتقل ڪيو ويندو ۽ ڪارڊ رکندڙن کي ڪئمپ مان افغانستان موڪليو ويندو.
ذريعن موجب، پوليس جو مختلف علائقن ۾ آپريشن جاري آهي ۽ آپريشن روزاني بنيادن تي جاري رهندو.
واضح رهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ غيرقانوني افغان پناهگيرن جي نيڪالي جي 31 مارچ 2025 واري ڊيڊ لائين ختم ٿي چڪي آهي ۽ حڪومت گذريل ڏينهن کان سندن نيڪالي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي.
You might also like