قاضي فائز عيسيٰ تي حملو ڪندڙن جا رد ڪيل سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بحال

سلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي لنڊن ۾ حملي جي الزام هيٺ پاڪستاني شهريتن جا رد ڪيل شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بحال ڪيا ويا آهن.
واضح رهي ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ قاضي فائز عيسيٰ جي لنڊن ۾ مڊل ٽيمپل آمد تي احتجاج کانپوءِ سندس ڪار کي نشانو بڻايو ويو هو.
گهرو وزارت ملوث جوابدارن جي نشاندهي ڪري ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو ۽ پاڪستان برطانوي حڪومت کي خط لکي ڄاڻايل ماڻهن جي حوالگي جو مطالبو پڻ ڪيو هو.
ان کانسواءِ گهرو وزير محسن نقوي چيف جسٽس تي حملي ۾ ملوث ماڻهن جي شهريت رد ڪرڻ جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو اعلان به ڪيو هو، پر هاڻي اها ڪارروائي روڪي وئي آهي.
ذريعن موجب، قاضي فائز عيسيٰ تي لنڊن ۾ حملي جي الزام هيٺ پاڪستانين جا رد ڪيل شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بحال ڪيا ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت پي ٽي آءِ سان واسطو رکندڙ ماڻهن جا دستاويز رد ڪرڻ واري ڪارروائي روڪي ڇڏي آهي.
ياد رهي ته لنڊن ۾ قاضي فائز عيسيٰ جي مڊل ٽيمپل مان روانگي وقت گاڏي روڪڻ ۽ دروازو کولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.