سنڌ کي ٻيو بلوچستان نه بڻايو وڃي:خواجا عبدالحق فاروقي

راڻيپور (رپورٽ: فياض حسين راڄپر )سنڌ جي عظيم صوفي بزرگ حضرت سچل سرمست جي گادي نشين خواجه عبدالحق  فاروقيءَ  سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاھڻ خلاف آواز بلند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو درازا شريف ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سچل سرمست شاھ لطيف ڀٽائي  جي سنڌ ڌرتي سرسبز رھي آھي اھا سدائين سائي رھندي جنھن کي ڪڏھن به سڪڻ نه ڏينداسين سنڌو درياءَ تي ڪوئي به ڪئنال ٺاھڻ نه ڏينداسين هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪالا باغ ڊيم جي خلاف هئي هاڻي به ڪئنال جي خلاف آهي هن چيو ته  4 اپريل شھيد ذالفقار علي ڀٽو جي ورسي  تي اميد آھي ته پيپلزپارٽي چيئرمين اھڙو اعلان ڪندو ڪئنالن جو معاملو ختم ٿي ويندو سنڌ کي ٻيو بلوچستان نه بڻايو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.