عثمان شاهه هڙي ڀرسان ڳوٺ ۾ پورهيتن جي گهرن کي باهه، لکين رپين جو سامان سڙي رک

عثمان شاهه هڙي (رپورٽر) عثمان شاهه هڙي ڀرسان ڳوٺ ۾ غريب پورهيتن جي گهرن کي باهه لڳڻ سبب لکين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو.
ڊاسوڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ملان الھيار ڪيريو ۾ چلھه جي چڻنگ اٿڻ سبب پورھيت سنتوش ۽ پريم ميگھواڙ جي گھرن ۾ باھ لڳي وئي.
اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو دير سان پهچڻ سبب گهرن ۾ پيل اناج، هنڌ بسترا، نياڻين جو ڏاج سڙي رک ٿي ويو ۽ چوپايو مال به سڙي زخمي ٿيو.
پورهيتن چيو ته اسان غريب مسڪين آهيون، سمورو سامان سڙي ويو آهي، سهائتا ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.