سنڌ جي سمورن تعيلمي بورڊز ۾ چئن سالن کانپوءِ مستقل چيئرمينز مقرر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سمورن تعليمي بورڊز ۾ چئن سالن کانپوءِ مستقل چيئرمينز مقرر ڪيا ويا آهن.
ميڊيا رپورٽس موجب، غلام حسين سوهو کي ميٽرڪ بورڊ ڪراچي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي.
ڊسٽرڪيٽ ايجوڪيشن آفيسر سينٽرل مشرف علي راجپوت کي سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي.
اهڙي ريت حيدرآباد تعليمي بورڊ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي رٽائرڊ پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد چانڊيو، نواب شاهه تعليمي بورڊ ۾ قائدِ عوام انجينيئرنگ يونيورسٽي جي پروفيسر آصف علي ميمڻ جي چيئرمين طور مقرري ٿي آهي.
ان کانسواءِ ميرپور خاص تعليمي بورڊ ۾ رٽائرڊ صوبائي ايڊيشنل سيڪريٽري منصور راجپوت، سکر تعليمي بورڊ ۾ سنڌ مدرسي جي پروفيسر زاهد حسين چنڙ جڏهن ته لاڙڪاڻي بورڊ ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي ڊائريڪٽر خالد حسين مهر کي چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.