پ پ وارن اقتدار خاطر سنڌوءَ جو سودو ڪيو، هاڻ عوام کي گمراهه پيا ڪن: سيد زين شاهه

ڀريا (رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته پ پ وارن اقتدار خاطر سنڌو جو سودو ڪيو آهي پر سنڌ جا درياهه تي قبضو ڪرڻ نه ڏيندا.
ڀريا باءِ پاس تي صحافين سان ڳالهائيندي سيد زين شاهه چيو ته صدر آصف زرداري پاڻ ڪينال لکي ڏنا، هاڻ پ پ وارا سنڌ جي ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، اهي چور به پاڻ آهن ۽ ۽ ڀاڳين سان گڏ به بيٺا آهن.
هن چيو ته پ پ وارا سنڌين جي جدوجهد ڏسي ڀاڙيا ٿي سنڌ جي ماڻهن سان گڏ بيهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر سنڌ جي ماڻهن کين سڃاڻي ورتو آهي ۽ پنهنجا حق وٺي رهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.