بدين (رپورٽر) بدين ۾ ڳوٺاڻي سهري جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو.
گولاڙچي لڳ ڳوٺ بادل چانڊيو جي رهواسي الهرکيو چانڊيو ايوان صحافت بدين پهچي دانهيو ته ڪجهه سال اڳ مون کي ڪوٽڙي واسي اعجاز خاصخيلي هڪ لک رپيا وٺي پنهنجي ڌيءُ جو سڱ ڏنو هو ۽ نڪاح ڪرايو هو، هاڻ سهري ڌيءُ کي پنهنجي گهر ويهاري ڇڏيو آهي ۽ واپس ڏيڻ بدران مون کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.
هن چيو ته منهنجي ڪير به نه پيو ٻڌي، اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿو ڪيان ته سهري وٽان زال واپس ڏياري انصاف ڪيو وڃي نه ته پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏيندس.
You might also like