لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو پاڪستاني فاسٽ بالر فاروق احمد اسي ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
فاروق احمد 1964 ۾ آسٽريليا خلاف ميلبورن ۾ واحد ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي.
مرحوم 43 فرسٽ ڪلاس ميچون کيڏيون، جنهن ۾ هن 111 وڪيٽون حاصل ڪيون.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان سندس لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.
Prev Post
You might also like