راڻيپور (رپورٽر) سنڌ جي عظيم صوفي بزرگ حضرت سچل سرمست جي گادي نشين خواجا عبدالحق فاروقي سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاھڻ خلاف آواز بلند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
درازا شريف ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا عبدالحق فاروقي چيو ته سچل سرمست ۽ شاھه عبداللطيف ڀٽائي جي ڌرتي سرسبز رھي آھي، اھا سدائين سائي رھندي، جنھن کي ڪڏھن به سڪڻ نه ڏينداسين.
هن چيو ته اسان جي خون سان ڪئنال ٺهي سگهن ٿا، باقي سنڌ جي پاڻي تي ڪڏهن به قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين، صدر آصف زرداري ڪئنالن جي اجازت نه ڏني آهي، پيپلز پارٽي ڪالا باغ ڊيم جي خلاف هئي، هاڻي به ڪئنالن جي خلاف آهي.
سندس چوڻ هو اميد آهي ته پيپلز پارٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تي اهڙو اعلان ڪندي جو ڪينالن جو معاملو ئي ختم ٿي ويندو.
You might also like