ڪراچي(پ ر)جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي پڌرائي ۾ چيو آهي ته عيد کي سنڌو درياھ جي نانءُ ڪري سڄي سنڌ ۾ جسقم جي ڪارڪن ۽ سنڌي قوم تاريخي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، هن جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ چيو آهي ته 7 اپريل تي رتوديري ۾ شهيد بشير خان قريشي جي 13 ورسي جو قومي جلسو ڪيو ويندو، جنهن ۾ سنڌو درياھ مٿان ٺهندڙ 6 ڪينالن خلاف وڏو اعلان ڪيو ويندو،هن چيو ته پنجاب جيڪڏهن سنڌين جي مسلسل احتجاج سبب سنڌو درياھ مٿان ٺهندڙ غير قانوني ڪينالن جو منصوبو واپس وٺي اهڙو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ته پنجاب ويندڙ رستا بند ڪري پنجاب کان سنڌ جو زميني رستو ختم ڪيو ويندو.