لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب پوليس جي عورت آفيسر عالمي اعزاز حاصل ڪري ورتو.
پنجاب پوليس جي ترجمان موجب، ايس پي عائشه بٽ ايڪسيلينس اِن پرفارمنس ايوارڊ 2025 لاءِ چونڊجي وئي، کيس انٽرنيشنل ايسوسيئيشن آف وومين پوليس طرفان چونڊيو ويو آهي.
ترجمان موجب، هي ايوارڊ سپٽيمبر ۾ گلاسگو اسڪاٽلينڊ ۾ شيڊيول 62هين سالياني ڪانفرنس دوران ڏنو ويندو، عائشه بٽ اڄڪلهه سٽي ٽريفڪ آفيسر گوجرانوالا طور خدمتون انجام ڏئي رهي آهي.
ترجمان جو چوڻ آهي ته اِهو انعام هر سال دنيا جي ڪنهن هڪ عورت پوليس آفيسر کي غير معمولي خدمتن جي اعتراف ۾ ڏنو ويندو آهي، ۽ عائشه بٽ کي پوليسنگ جي شعبي ۾ شاندار ڪارڪردگي ۽ خدمتن جي اعتراف ۾ چونڊيو ويو آهي.
آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور عائشه بٽ کي کاتي جو نالو روشن ڪرڻ تي واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته سندس ڪاميابي سڀني پوليس، خاص طور تي عورت آفيسرن لاءِ فخر جوڳو لمحو آهي.
You might also like