اسلام آباد ۽ لاهور ۾ شوال جو چنڊ نظر اچي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)لاهور ۽ اسلام آباد ۾ شوال جو چنڊ نظر اچي ويو,شوال جي چنڊ ۽ عيدالفطر جو حتمي اعلان مرڪزي رويت هلال ڪميٽي ڪندي.

اسلام آباد ۾ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس جاري آهي، جتي چيئرمين مولانا عبد الخبير آزاد صدارت ڪري رهيو آهي، جڏهن ته زونل ڪميٽين جا اجلاس به مقرر ڪيل شهرن ۾ ٿي رهيا آهن.

پاڪستان ۾ بوهره ڪميونٽي اڄ عيدالفطر ملهائي رهي آهي، جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه ايمل ولي خان به اڄ عيد ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ٻئي پاسي سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ ٻين خليجي ملڪن ۾ اڄ عيد ملهائي پئي وڃي، جڏهن ته برطانيا، ڪينيڊا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ 31 مارچ تي عيد ٿيڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.