ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت فوري طور سي سي آءِ اجلاس گهرائڻ لاءِ وفاق کي خط لکي ڇڏيو.
آبپاشي کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي، جڏهن ته ارسا طرفان چولستان ڪينال لاءِ پاڻي جي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ به قانون جي خلاف آهي.
سنڌ حڪومت خط ۾ لکيو آهي ته سنڌ اجلاس ۾ سخت احتجاج ۽ عدم اتفاقي ظاهر ڪئي هئي، سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آهي، پنجاب کي نئين ڪينال جي منظوري ڏيڻ قانون خلاف آهي.
سنڌ حڪومت سي سي آءِ کان چولستان پراجيڪٽ لاءِ پاڻي جي دستيابي جو ارسا جو سرٽيفڪيٽ رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته جيستائين پاڻي جي ورڇ تي اتفاق راءِ پيدا نٿو ٿئي، سي سي آءِ ان پراجيڪٽ کي روڪي.
You might also like