جعفر ايڪسپريس 17 ڏينهن کانپوءِ سخت سيڪيورٽي ۾ ڪوئيٽا کان پشاور لاءِ رواني

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) جعفر ايڪسپريس کي سخت سيڪيورٽي ۾ 17 ڏينهن کانپوءِ ڪوئيٽا کان پشاور لاءِ روانو ڪيو ويو.
دهشتگردي جو شڪار بڻجندڙ جعفر ايڪسپريس 17 ڏينهن کانپوءِ 430 مسافرن کي کڻي پشاور لاءِ رواني ٿي، ن ليگ ايم اين اي جمال شاهه ڪاڪڙ جعفر ايڪسپريس کي روانو ڪيو.
ان موقعي تي ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.