واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ افطار ڊنر جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ مسلم ڪميونٽي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ڊونلڊ ٽرمپ افطار ڊنر کي مختصر خطاب به ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته منهنجي مسلمان دوستن کي رمضان جي مبارڪ، افطار جي اها روايت خوشيون ورهائڻ ۽ امن جو پيغام ڏئي ٿي.
سندس چوڻ هو ته رمضان جي وڏي اهميت آهي، هيءَ روحاني عبادت جي موسم آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي چونڊن ۾ حمايت ڪرڻ تي مسلم ووٽرن جا ٿورا مڃيندي چيو ته مسلم ڪميونٽي سان ڪيل واعدا پورا ڪري رهيا آهيون.
ٽرمپ طرفان افطار ڊنر جو اهتمام، مسلم ڪميونٽي سان ڪيل واعدا پورا ڪري رهيا آهيون: آمريڪي صدر
You might also like