راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان کي ڪتابن جي فراهمي ۽ پٽن سان ڳالهائڻ جي اجازت ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عمران خان کي ڪتاب نه ڏيڻ ۽ ٻارن سان ملاقات نه ڪرائڻ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت عمران خان جي ٻنهي درخواستن کي منظور ڪندي جيل انتظاميا کي حڪم ڏنو ته عمران خان ترت ڪتاب فراهم ڪيا وڃن ۽ عيد کان اڳ پٽن سان ڳالهائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.
عدالتي حڪم ۾ چيو ويو ته عمران خان کي ڪتابن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، جڏهن ته عيد مذهبي تهوار آهي، تنهنڪري کيس ٻارن سان جلد کان جلد رابطو ڪرايو وڃي.
You might also like