فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ پشاور ريجن جي ٽاپ آرڊر بيٽر صاحبزادا فرحان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ نئون قومي رڪارڊ جوڙي ڇڏيو.
صاحبزادا فرحان نيشنل ٽي ٽوئنٽي جي 6 اننگزن ۾ 588 رنس ٺاهي نئون رڪارڊ قائم ڪيو.
پشاور جي نمائندگي ڪندي هن قومي ٽي ٽوئنٽي جي جاري ايڊيشن ۾ سڀ کان وڌيڪ رنس ٺاهڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.
ان کان اڳ به اِهو رڪارڊ صاحبزادا فرحان وٽ ئي هو، هن گذريل سيزن دوران 12 اننگزن ۾ 492 رنسون ٺاهيون هيون.
26 مارچ تي فيصل آباد ۾ ايبٽ آباد ريجن خلاف کيڏيل ميچ ۾ صاحبزادا فرحان 72 بالن تي 148 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، سندس اننگز ۾ 12 ڇڪا ۽ 10 چوڪا پڻ شامل هئا.
صاحبزادا فرحان 58 بالن تي 6 ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مدد سان پنهنجي سنچري مڪمل ڪئي.
ان کانسواءِ هن هڪ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ جي ايڊيشن ۾ سڀ کان وڌيڪ رنس ٺاهڻ جو فخر زمان جو قومي رڪارڊ پڻ برابر ڪري ڇڏيو آهي.
ياد رهي ته فخر زمان پاڪستان سپر ليگ 2022 جي ايڊيشن ۾ 13 اننگزن ۾ 588 رنسون ٺاهيون هيون.
You might also like