حارث رئوف ۽ عثمان خان کي نيوزيلينڊ ۾ روڪيو ويو

نيپئر (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيم مئنيجمينٽ فاسٽ بالر حارث رئوف ۽ وڪٽ ڪيپر بيٽر عثمان خان کي قومي ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل ڪري ڇڏيو.
ٽي ٽوئنٽي ٽيم جا 8 رانديگر وطن واپسي لاءِ روانا ٿيندا، جڏهن ته باقي 5 رانديگر نيپئر ۾ ٽيم کي جوائن ڪري ورتو.
نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستاني رانديگر ۽ ڪوچنگ اسٽاف ويلنگٽن کان نيپئر روانا ٿيو.
فاسٽ بالر حارث رئوف ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر عثمان خان کي مئنيجمينٽ ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل ڪري ورتو، جڏهن ته پهريان ٻئي رڳو ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو حصو هئا.
سلمان علي آغا، حارث رئوف، خوشدل شاهه، عرفان خان نيازي، ابرار احمد، سفيان مقيم، محمد علي ۽ عثمان خان نيپئر ۾ ون ڊي اسڪواڊ کي جوائن ڪيو.
واضح رهي ته ڪپتان محمد رضوان ۽ بابر اعظم سميت 9 رانديگر اڳ ئي نيپئر ۾ موجود آهن، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جا باقي 8 رانديگر نيوزيلينڊ کان دبئي ذريعي پاڪستان روانا ٿيندا.
ڏيهه واپسي ڪندڙ رانديگرن ۾ ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو نائب ڪپتان شاداب خان، شاهين آفريدي، عمير بن يوسف، حسن نواز، محمد حارث، عباس آفريدي، عبدالصمد ۽ جهانداد خان شامل آهن.
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز 29 مارچ کان شروع ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.