حيدرآباد (پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادرمگسي چيو آھي ته سنڌو درياءِ تي ڪئنال اڏڻ ۽ سنڌ جي زميننتي والار خلاف تحريڪ ھاڻي عوامي ۽ قومي تحريڪ بڻجي چڪي آھي ھر مڪتب فڪر جو ماڻھو ھن تحريڪ جو حصو بڻجي رھيو آھي جنھن سبب پيپلزپارٽي سميت وفاقي پارٽيون پريشان آھن .. ھن چيو ته ڪئنالن ۽ زمينن تي والار خلاف جدوجھد کي اڃان وڌيڪ تيز ڪرڻ ۽ عوام کي سجاڳ ڪرڻ جي ضرورت آھي. ماضي ۾ سنڌ جي ڪيل سياسي جدوجھد کان به ھي جدوجھد وڌيڪ سگھاري ٿيندي پئي وڃي . جنھن ڏينھن سنڌ جي ڇھ ڪروڙ انسانن مان ھڪ ڪروڙ انسان روڊ تي نڪري ايندا ته ھي حڪمران ايوان ڇڏي ڀڄي ويندا. ايس ٽي پي چيئرمين چيو عيد کانپوءِ ايس ٽي پي پاران سڄي سنڌ جي اندرمک شاھراهن تي رٿيل احتجاجي ڌرڻا ھن تحريڪ کي وڌيڪ سگهھ بخش ڪندا. ھي اسان جي جدوجھد ھنن سنڌ دشمن منصوبن جي خاتمي تائين جاري رھندي ڇاڪاڻ سنڌو درياءِ اسان جي نہ صرف جياپي ج ذريعو آھي ڊاڪٽر قادر مگسي ايس ٽي پي ڪارڪنن کي ھدايت ڪئي تہ ھو سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ جھرجھنگ وڃي عوام کي سجاڳ ڪن.