”سنڌوءَ تي ڪئنال نامنظور“ جيئي سنڌ محاذ پاران 4 اپريل تي ڌرڻن جو اعلان

ڪراچي(پ ر )جيئي سنڌ محاذ پاران 4 اپريل تي سنڌو مٿان غير قانوني ڪئنال ٺاھڻ خلاف نيشنل ھاءِ وي ۽ انڊس ھاءِ وي بند ڪرڻ جو اعلان پارٽي جو ھنگامي اجلاس ھتي ڪراچي ۾ پارٽي سيڪريٽريٽ تي  چيئرمين رياض علي چانڊيو جي صدارت ھيٺ ٿيو اجلاس ۾ سينئر وائيس چيئرمين عزيز الله ڀٽو مرڪزي وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي غفار ميرجت ڪمال مھر اياز سولنگي پُنهل جمالي  ۽ ٻيا شريڪ ٿيا اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پنجاب سنڌو درياھ تي ڇھ نوان غير قانوني ڪئنال ٺاھڻ واري ھوڏ تان لھڻ لاءِ تيار ناھي ان ڪري 4 اپريل تي نيشنل ھاءِ وي مورو باءِ پاس ۽ انڊس ھاءِ وي نصير آباد وٽ پنجاب ويندڙ رستا ڌرڻا ھڻي بند ڪيا ويندا اجلاس کي خطاب ڪندي رياض علي چانڊيو چيو تـ سنڌ جي ماڻھن جو درياهه بچائڻ تي اتفاق ۽ ڪئنالن جي خلاف موثر جھدوجھد ۽ سڄي سنڌ کي سراپا احتجاج ڏسي پيپلزپارٽي احتجاج پئي ڪري، اسان پيپلزپارٽي جي انھن سنڌ دشمن فيصلن ۽ سندن ڪوڙن ڪئنال مخالف مظاھرن ۽ جڙتو اعلانن جي مذمت ڪريون ٿا ۽ سنڌ جي ماڻھن اھا جھدوجھد آھي جو پ پ بوکلاھٽ جو شڪار ٿي وئي آھي هن چيو ته سڀ سنڌ واسي ٻاھر اچن ۽ حڪمرانن تي واضع ڪن تـ اسان کي ڪو بـ ظلم ھاڻ قبول ناھي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.