ارسا جي جوڙجڪ ۽ پاڻي سرٽيفڪيٽ خلاف درخواست تي وفاق ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ارسا جي جوڙجڪ ۽ ڪئنالن لاءِ پاڻي جي دستيابي سرٽيفڪيٽ خلاف داخل درخواست تي وفاق ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ارسا جي جوڙجڪ ۽ ڪئنالن لاءِ پاڻي جي دستيابي بابت سرٽيفڪيٽ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کان 7 اپريل تائين جواب طلب ڪري ورتو.
ٻڌڻي دوران سينيٽر بئريسٽر ضمير گهمرو موقف اختيار ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳ ۾ ئي حڪم ڏئي چڪي آهي ته ارسا ۾ سنڌ جا ٻه ميمبر شامل ٿيندا.
درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ارسا جي غير آئيني جوڙجڪ سبب ان جا فيصلا قانوني حيثيت نٿا رکن، وفاقي ميمبر جي مقرري لاءِ عدالتي حڪم تي عمل ڪيو وڃي.
درخواستگذار جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيستائين سنڌ مان ارسا جو وفاقي ميمبر مقرر نه ڪيو ويندو، تيستائين ارسا جي جوڙجڪ غير قانوني رهندي، ارسا پاران جاري ڪيل پاڻي جي دستيابي سرٽيفڪيٽ کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.