ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) متحده عرب امارات ۾ 100 درهم جو نئون ڪرنسي نوٽ جاري ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، متحده عرب امارات جي مرڪزي بئنڪ پاران متعارف ڪرايل نئون نوٽ ڪاغذ جي بدران پاليمر مان تيار ڪيو ويو آهي ۽ جديد ڊيزائن سان گڏ محفوظ سڃاڻپ جون خاصيتون به رکي ٿو.
نئين نوٽ ۾ اسپارڪ فلو ڊائمنشنز ۽ ڪائين گرام ڪلرز جهڙيون جديد ٽيڪنالاجيز استعمال ڪيون ويون آهن ته جيئن جعلي نوٽن جي روڪٿام ممڪن بڻائي سگهجي.
هي نوٽ ڳاڙهي رنگ جي مختلف شيڊز ۾ تيار ڪيو ويو آهي، جنهن جي سامهون واري پاسي تي اُم القيوين جو تاريخي قلعو ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته پوئين پاسي فجيره پورٽ ۽ اتحاد ريل جون تصويرون شامل آهن.
نوٽ تي بريل نشانيون به شامل ڪيون ويون آهن ته جيئن نظر کان محروم ماڻهو به ان جي ماليت آسانيءَ سان سڃاڻي سگهن.
متحده عرب امارات جي مرڪزي بئنڪ موجب، نئين نوٽ سان گڏ 100 درهم جو پراڻو نوٽ به استعمال جوڳو هوندو.