واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) مذهبي آزادي بابت آمريڪي ڪميشن (USCIRF) پنهنجي تازي رپورٽ ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را (RAW) تي پابندي لڳائڻ جي سفارش ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته اها ايجنسي عدالت کان مٿانهن قتلن، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ اقليتن تي ظلمن ۾ ملوث آهي.
25 مارچ 2025 تي جاري ٿيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته را منظم طريقي سان سِکن، مسلمانن، دلتن ۽ عيسائين کي نشانو بڻائي رهي آهي، جنهن سبب عالمي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي.
رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته را حڪومت جي ادارن سان گڏجي ڀارتي ميڊيا کي ڪنٽرول ڪيو آهي ۽ داخلي تنقيد کي دٻائڻ لاءِ ڳجهي نگراني، ڪوڙن ڪيسن ۽ خوف هراس جي پاليسي اختيار ڪئي آهي.
رپورٽ موجب ڀارت ۾ اقليتن تي حملن ۽ نفرت پکيڙڻ جي ڏوهن ۾ 70 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ 1200 کان وڌيڪ نفرت پکيڙڻ وارا واقعا سامهون آيا آهن، جن ۾ سڌو سنئون را جي ملوث هجڻ جون شاهديون مليون آهن.
آمريڪي ڪميشن خبردار ڪيو آهي ته را جون سرگرميون رڳو ڀارت ۾ ئي نه پر عالمي سطح تي انساني حقن ۽ امن لاءِ خطرو بڻجي چڪيون آهن.
رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته 1100 کان وڌيڪ اقليتي اڳواڻن کي نشانو بڻايو ويو آهي ۽ اقليتن جي حقن بابت ڊيٽا ۾ تبديلي ڪري عالمي سطح تي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي.
رپورٽ کان پوءِ عالمي سطح تي ڀارت تي سفارتي دٻاءُ وڌڻ جو امڪان آهي، ڇو ته اهي انڪشاف ڀارتي حڪومت جي اقليت دشمن ايجنڊا کي وائکو ڪن ٿا.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ يورپي ملڪن ان رپورٽ تي عملي قدم کنيا ته را تي عالمي سطح تي سخت پابنديون لاڳو ٿي سگهن ٿيون.
You might also like