”ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا، دال ۾ پاڻي سوايو وجهندا هئاسين ته جيئن چار ڀاتي ماني کائي سگهن“

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان جو ڳاڻيٽو اهڙن اداڪارن ۾ ٿئي ٿو جن سخت محنت ۽ قابليت جي بنياد تي فلم انڊسٽريءَ ۾ پنهنجو نالو ٺاهيو.
پرڏيهي ميڊيا تي هڪ وڊيو تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ شاهه رخ خان پنهنجي ننڍپڻ جي مشڪل ترين ڏينهن بابت ڳالهائي رهيو آهي.
ڪجهه سال اڳ سينيئر اداڪار انوپم کير جي شو ۾ شرڪت دوران شاهه رخ خان اعتراف ڪيو هو ته سندس ننڍپڻ ڏکيائن ۾ گذريو.
هن ٻڌايو ته ” مان جتان کان آيو آهيان، اتي اسان جي گهر ۾ دال ۾ واڌو پاڻي وڌو ويندو هو ته جيئن چار ڀاتي کائي سگهن، ان وقت ڪنهن کي اِها ڄاڻ نه هئي ته مان هن منزل تائين پهچندس.“
شاهه رخ خان وڌيڪ چيو ته ” جيڪڏهن مون جهڙو عام شڪل ۽ صورت وارو ماڻهو هن منزل تي رسي سگهي ٿو ته پوءِ ڪجهه به ممڪن آهي.“
ان کانسواءِ سال 2018ع ۾ هڪ انٽرويو دوران شاهه رخ خان پنهنجي ننڍپڻ جي ساروڻين بابت ڳالهائيندي جذباتي ٿي ويو هو.
سندس چوڻ هو ته ” جڏهن مان ننڍڙو هئس ته وڏو ٿيڻ چاهيندو هئس، هاڻي جڏهن پوڙهو ٿي رهيو آهيان ته پنهنجو ٻالڪپڻ ياد ٿو اچي، مان سمجهان ٿو ته اهي زندگي جا بهترين ڏينهن هوندا آهن، جڏهن اسان هر ڳڻتي کان آجا هوندا آهيون.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.