حڪومت جي ڪارڪردگي آءِ ايم ايف کي حيران ڪري ڇڏيو: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت جي ڪارڪردگي آءِ ايم ايف کي حيران ڪري ڇڏيو، مخالفن پروپيگنڊا ڪئي ته مني بجيٽ اچي رهي آهي پر پهريون ڀيرو چيلينجنگ حالتن ۾ مني بجيٽ نه پئي اچي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.
وزيراعظم چيو ته اسٽاف ليول معاهدي تي سڀ مبارڪباد جا حقدار آهن، ٽيم ورڪ سان اها ڪاميابي حاصل ڪئي سين
هن چيو ته عام ماڻهو تمام گهڻي تڪليف برداشت ڪئي، انهن جي قربانين کي سلام پيش ڪريان ٿو، صوبن زرعي ٽيڪس جي معاملي ۾ پنهنجو حصو وڌو.
سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف گذريل سال 9 کرب رپين جو هدف ڏنو، هن سال 12.9 کرب رپين جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، ٽيڪس ڪليڪشن ۾ 26 سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي، مون آءِ ايم ايف جي ٽيڪس وصولي جي هدف ۾ گهٽتائي جي آڇ کي رد ڪيو، جيڪڏهن اسان ٽيڪس وصولي جي هدف ۾ گهٽتائي جي آڇ مڃون ها ته کڏ ۾ ڪِري پئون ها.
ان موقعي تي وزيراعظم، آرمي چيف جي ماءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.