ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي بيبو ڪرينا ڪپور جا روماني لاڳاپا هميشه ميڊيا جي نظر ۾ رهيا آهن، شاهد ڪپور سان رشتي کان وٺي سيف علي خان سان شادي تائين، سندس زندگي جي خبرون هميشه مداحن جي دلچسپي جو مرڪز رهيون.
پر ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته هڪ وقت اهڙو به هو جڏهن ڪرينا ڪپور ڀارت جي هڪ مشهور سياستدان کي پسند ڪندي هئي ۽ ساڻس ”ڊيٽ“ تي وڃڻ چاهي پئي؟
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، ڪرينا ڪپور سيف علي خان سان شادي کان اڳ سيمي گريوال جي هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي هئي، جتي هن پنهنجي فلمي ۽ ذاتي زندگي بابت ڪيئي دلچسپ انڪشاف ڪيا هئا.
رپورٽ موجب، فلم انڊسٽري ۾ نئين هجڻ دوران هن مشهور سياستدان ۽ ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌيءَ سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي هئي.
شو دوران ڪرينا هڪ سوال جي جواب ۾ چيو هو ته ” مان راهول گانڌي سان ملڻ جي خواهشمند هيس، ڇو ته اسان ٻئي بااثر خاندانن سان واسطو رکون ٿا.“
جڏهن کانئس ڪنهن سان ڊيٽ ڪرڻ بابت پڇيو ويو ته هن چيو”اهو چوڻ تڪرار پيدا ڪري سگهي ٿو، پر جيڪڏهن موقعو ملي ته مان راهول گانڌيءَ کي ڊيٽ ڪرڻ چاهينديس.“
هن ان جو ڪارڻ ٻڌائيندي چيو ته ”مان راهول گانڌي جون تصويرون ڏسي سوچيندي آهيان ته اسان جي ڳالهه ٻولهه ڪيڏي دلچسپ ٿي سگهي ٿي، منهنجو واسطو هڪ فلمي گهراڻي سان آهي، جڏهن ته هو هڪ سياسي گهراڻي سان تعلق رکي ٿو، تنهنڪري شايد اسان جي ملاقات يادگار هجي ها.“
You might also like