اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت سولر سسٽم استعمال ڪندڙ واهپيدارن تي واڌو ٽيڪس جي منظوري روڪندي نيٽ ميٽرنگ پاليسي تي نظرثاني جي هدايت ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب وزيراعظم ۽ وفاقي وزيرن سولر استعمال ڪندڙ واهپيدارن تي واڌو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي ۽ توانائي واري وزارت کي نيٽ ميٽرنگ پاليسي تي نظرثاني جي هدايت ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته نئين نيٽ ميٽرنگ پاليسي ۾ واهپيدارن کان رڳو 10 رپيا في يونٽ بجلي جي خريداري ۽ ٽيڪس جون شقون شامل هيون.
You might also like