عيد ڪڏهن ٿيندي؟ موسميات کاتي کانپوءِ سپارڪو به اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اسپيس اينڊ اپر ايٽموسفيئر ريسرچ ڪميشن (سپارڪو) به شوال جي چنڊ بابت اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
سپارڪو طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب رمضان جو مهينو 29 ڏينهن جو ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته عيدالفطر 31 مارچ تي ٿيندي.
سپارڪو جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته شوال جو نئون چنڊ 29 مارچ تي منجهند 3 لڳي 58 منٽن تي پيدا ٿيندو ۽ 30 مارچ تي سج لٿي کانپوءِ چنڊ جي عمر تقريبن 27 ڪلاڪ هوندي.
پڌرائيءَ موجب 30 مارچ تي چنڊ ۽ سج جو زاويائي فاصلو تقريبن 16 ڊگري ۽ سج لٿي مهل چنڊ جي اوچائي تقريبن 14 ڊگري هوندي، تنهن ڪري 30 مارچ تي چنڊ انساني اک سان آساني سان نظر ايندو پر ان حوالي سان حتمي فيصلو چنڊ ڏسڻي ڪميٽي ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.