پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ ڳالهيون ڪامياب، اسٽاف ليول معاهدو طئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٻه ارب ڊالر قرض جو اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو.
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون، جنهن کانپوءِ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ پهرئين جائزي لاءِ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو آهي.
عالمي مالياتي فنڊ موجب آءِ ايم ايف ٽيم جي قيادت نيٿن پورٽر ڪئي، معاهدي جي تحمي منظوري آءِ ايم ايف جو بورڊ ڏيندو.
منظوري جي صورت ۾ پاڪستان کي واڌو فيسيليٽي فنڊ تحت هڪ ارب ڊالر فراهم ڪيا ويندا.
پاڪستان کي موسمياتي تبديلي ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ 1.3 ارب ڊالر ملندا، پروگرام تحت مجموعي قرض جي رقم ٻه ارب ڊالر ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.