حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌي عوام جي طاقت ۽ سياسي شعور جي نتيجي ۾ سنڌ جي خلاف وڏي سازش رچائيندڙ ۽ ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي مجموعي اجتماعي مفادن خلاف ڪم ڪندڙ پيپلزپارٽي حڪومت ۾ رهندي احتجاج جي لاءِ ميدان ۾ نڪري آئي آهي. هي سنڌي عوام جي شعور جي سياسي فتح آهي، جنهن پيپلزپارٽي کي مجبور ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪا مان وڊيو بيان ۾ ڪيو. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته پيپلز پارٽي سڄي پاڪستان مان تڙجي چڪي آهي. رڳو سنڌ جي مينڊيٽ تي هو بادشاهي حاصل ڪن ٿا. هي تحريڪ ايم آر ڊي جي تحريڪ کان به وڌيڪ متحرڪ ۽ عوامي تحريڪ بڻجي چڪي آهي. سنڌ جو ٻچو ٻچو هن تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو آهي. ان ڪري پيپلزپارٽي پنهنجي سياسي راند بچائڻ جي لاءِ احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي آهي. اسان کي هن وقت عوامي اتفاق راءِ قائم ڪرڻ گهرجي، سڄي سنڌ ان ڳالهه تي متفق هجي ته سنڌو درياهه تي دائمي ۽ بنيادي حق سنڌ جو آهي. سمنڊ ۾ روزاني جي بنياد تي پاڻي ڪرندو رهي.هن چيو ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي هن تحريڪ ۾ شامل ٿئي پئي ته ان کي ضرور شامل ٿيڻ گهرجي، پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پيپلزپارٽي کي احتجاج ۾ شامل ٿي ڪري آڱر ڪٽائي شهيدن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش به نه ڪرڻ گهرجي پ پ ملڪ جي چئني صوبائي اسيمبلين، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي مان ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي منصوبن کي رد ڪرائي. شهباز شريف انهن منصوبن جو فيصلو واپس نٿو وٺي ته پيپلزپارٽي شهباز شريف کي ڏنل پنهنجو اعتماد وارو ووٽ واپس وٺي سنجيده قدم کڻي. پ پ جڏهن مڪمل طور تي مخالف ڌر جي بينچن تي ويهندي تنهن کانپوءِ پيپلزپارٽي کي اهو اختيار آهي ته هو اسان جيان روڊن تي ويهي احتجاج ڪري.