اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت ماهوار معاشي آئوٽ لڪ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
رپورٽ موجب ناڻي جي پهچ، برآمدن، درآمدن، اوڳاڙين، نان ٽيڪس آمدني ۾ واڌ ٿي، جڏهن ته مالي خساري ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ اسٽيٽ بينڪ جي ذخيرن ۾ واڌ ٿي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مارچ ۾ مهانگائي وڌڻ جي رفتار هڪ کان 1.5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اپريل ۾ مهانگائي وڌڻ جي شرح 2 کان 3 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 8 مهينن ۾ مهانگائي جي شرح 5.9 سيڪڙو رڪارڊ ٿي، گذريل مالي سال ان ئي عرصي ۾ مهانگائي جي شرح 28 سيڪڙو هئي.
You might also like