ڪراچي (پ ر) انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) ڪراچي ۾ نئين نيٽ پريڪٽس پچن جي افتتاحي تقريب ٿي.
اها تقريب آءِ بي اي ڪرڪيٽ گرائونڊ مين ڪيمپس ۾ ٿي، جنهن ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽر ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي جي ميمبر اسد شفيق خاص مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ باضابطا طور تي ان سهولت جو افتتاح ڪيو.
ان موقعي تي اسد شفيق آءِ بي اي جي آفيشل اسٽوڊنٽ ڪرڪيٽ ٽيم سان ڪجهه راند کيڏي ۽ رانديگرن کي پنهنجي مهارتن ۽ تجربن کان آگاهه ڪيو.
هن ترقي ۽ پائيداري جي علامت طور هڪ ٻوٽو نه پوکيو ته جيئن ٽيلينٽ ۽ ماحول ٻنهي جي اهميت کي اجاڳر ڪري سگهجي.
تقريب ۾ آءِ بي اي جي رجسٽرار ڊاڪٽر محمد اسد الياس، هيڊ آف مارڪيٽنگ اينڊ ڪميونيڪيشنز فواد اي مهدي، ايسوسي ايٽ رجسٽرار ريسورس آپٽيمائزيشن فهد جاويد ۽ مئنيجر اسپورٽس جمشيد عيسيٰ شرڪت ڪئي.
اسد شفيق کي ٿورا مڃڻ طور يادگاري شيلڊز پيش ڪيون ويون، ان موقعي تي آءِ بي اي ۾ راندين جي مستقل ۽ اسپورٽس انفرا اسٽرڪچر کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان به گفتگو ٿي.
پي سي بي سان امڪاني ڀائيواري تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي ته جيئن شاگردن کي پيشيوراڻي تربيت ۽ موقعا فراهم ڪري سگهجن، جيڪو آءِ بي اي جي تعليمي ترقي جي عزم جو حصو آهي.
Next Post
You might also like