سرڪاري ماسترن کي رهائشي فليٽ ڏيڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ سرڪاري استادن کي ڪڻن ذريعي فليٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
اسڪول ايجوڪيشن کاتي استادن لاءِ رهائشي منصوبي جو اعلان ڪري ڇڏيو، صوبي جي هڪ هزار استادن کي ڪڻن ذريعي فليٽ ڏنا ويندا، استادن کي فليٽ آسان قسطن تي فراهم ڪيا ويندا.
پنجاب ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ استادن جو انگ 3 لک آهي، منصوبي جي ڪاميابي تي وڌيڪ استادن لاءِ رهائشي اسڪيم متعارف ڪرائي ويندي.
ان حوالي سان پنجاب جي تعليم واري وزير راڻا سڪندر حيات چيو ته منصوبي جي منظوري لاءِ تجويزن تي ڪم ڪيو پيو وڃي، جنهن کانپوءِ ڪابينا ڪميٽي مان منظوري ورتي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.