ڌونيءَ ڪوهلي ڏانهن اُماڻيل پيغام بابت ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

چنائي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مهندرا سنگهه ڌونيءَ ويرات ڪوھلي ڏانهن موڪليل پيغام بابت ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ويرات ڪوھلي ڪيئي ڀيرا ٻڌائي چڪو آهي ته جڏهن هن ڀارت جي ٽيسٽ ٽيم جي قيادت ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو، تڏهن مهندرا سنگهه ڌوني ئي اڪيلو رانديگر هو جنهن کيس ٽيڪسٽ ڪري آٿت ڏني هئي.
هڪ تازي انٽرويوءَ دوران ڌونيءَ کان ان معاملي بابت پڇيو ويو، جنهن تي هن چيو ته هو ويرات سان پنهنجي لاڳاپن بابت ڳالهائيندو پر ان مخصوص پيغام بابت نه ٻڌائيندو.
اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته هو ميسيج تي ڳالهائڻ بدران رڳو ساڻس تعلق تي روشني وجهڻ چاهيندو، هو ان معاملي کي جيئن جو تيئن رکڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته اِهو راز سلڻ کانپوءِ متان ٻين رانديگرن کي به موقعو ملي سگهي ٿو ته هو اچي، پنهنجون ڳالهيون شيئر ڪري سهگن ٿا ۽ جيڪو سندن ذهن ۾ هلي رهيو آهي ان بابت پڇي سگهن ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته رانديگرن کي اهو اعتماد هئڻ گهرجي ته ساڻس ٿيل ڳالهيون ظاهر نه ٿينديون، ڇو ته اعتماد سڀ کان اهم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.