سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو روزاني بنيادن تي هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي ( اي آءِ ) تي ٻڌل چيٽ بوٽ ”چيٽ جي پي ٽي“ استعمال ڪري رهيا آهن، پر هاڻي هڪ تحقيق ۾ ان جي ڊگهي استعمال سبب پيدا ٿيندڙ امڪاني ناڪاري اثرن جو انڪشاف ڪيو ويو آهي.
ايم آءِ ٽي ميڊيا ليب ۽ اوپن اي آءِ طرفان ڪيل ڌار ڌار تحقيقن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪي ماڻهو حد کان وڌيڪ چيٽ جي پي ٽي استعمال ڪن ٿا، اُهي وڌيڪ ويڳاڻپ محسوس ڪن ٿا.
اوپن اي آءِ جي تحقيق ۾ چار ڪروڙ کان وڌيڪ رابطن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته ايم آءِ ٽي ميڊيا ليب چئن هفتن تائين چيٽ جي پي ٽي استعمال ڪندڙ واهپيدارن جي نگراني ڪئي.
ايم آءِ ٽي تحقيق مان پتو پوي ٿو ته چيٽ جي پي ٽي تي وڌيڪ وقت گذارڻ سان هيکلائپ جو احساس وڌي سگهي ٿو، جڏهن ته چيٽ بوٽ تي وڌيڪ اعتماد ڪندڙ ماڻهو جذباتي طور تي رڳو ان تي ئي ڀاڙيندا آهن.
رپورٽ ۾ چيو ويو ويو آهي ته ويڳاڻپ جو احساس چيٽ جي پي ٽي سان ٽڪيسٽ ذريعي رابطو ڪندڙ ماڻهن ۾ وڌيڪ ۽ عام هوندو آهي جڏهن ته وائس موڊ تي اِهو اثر گهٽ هوندو آهي.
ان کانسواءِ جيڪي ماڻهو ذاتي موضوعن تي ڳالهائيندا آهن، اهي به مختصر وقت لاءِ اڪيلائپ محسوس ڪندا آهن.
اوپن اي آءِ جي تحقيق موجب، جذباتي نوعيت جي ڳالهه ٻولهه اڃا عام ناهي، ڇو ته تمام گهٽ ماڻهو ئي پنهنجي ذاتي تجربن تي چيٽ جي پي ٽي سان ڳالهائڻ پسند نه ٿا ڪن.
تحقيق ۾ شامل ماهرن چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ هي نتيجا مختصر مدي تائين ڪيل واهپيدارن جي نگرانيءَ تي آڌاريل آهن، پر ان مان اِهو اشارو ملي ٿو ته اي آءِ چيٽ بوٽس سان ڳالهه ٻولهه انساني نفسيات تي اثرانداز ٿئي ٿي .
You might also like