ميٽا گذريل ڪجهه مهينن دوران فيسبڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ ۾ هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي ( اي آءِ ) تي ٻڌل ڪيئي فيچر متعارف ڪرائي چڪو آهي ۽ هاڻي ڪمپني چاهي ٿي ته پنهنجن دوستن سان رابطي لاءِ به اي آءِ استعمال ڪئي وڃي.
ان ڏس ۾انسٽاگرام ۾ هڪ نئون فيچر آزمائشي طور شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو واهپيدارن کي پوسٽن تي تبصرا لکڻ ۾ مدد ڏيندو، هن فيچر کانپوءِ ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي.
رپورٽ موجب، ” رائيٽ ود ميٽا اي آءِ “ نالي فيچر جي ٽيسٽنگ انسٽاگرام تي ٿي رهي آهي.
جيڪي واهپيدار هن فيچر تائين پهچ رکن ٿا، کين ڪنهن پوسٽ جي هيٺان پينسل آئيڪن نظر ايندو.
ان آئيڪن تي ڪلڪ ڪرڻ سان ميٽا اي آءِ تائين رسائي ملي ويندي، آءِ اي چيٽ بوٽ تصوير جو تجزيو ڪري واهپيدار لاءِ ڪمينٽس جي تجويز ڏيندو.
ميٽا ترجمان موجب، ڪمپني پنهنجي ايپس ۾ اي آءِ جا مختلف فيچر آزمائي رهي آهي ته جيئن اِهي وڌيڪ لاڀائيتا بڻائي سگهجن.
ترجمان جو چوڻ هو ته واهپيدار هاڻي ڊائريڪٽ ميسيجز ( ڊي ايم ) کانسواءِ ميٽا اي آءِ کي تبصرن، فيڊ، گروپس ۽ سرچ وغيره ۾ به ڳولي استعمال ڪري سگهن ٿا.
ميٽا نئين فيچر جي عام واهپيدارن تائين پهچ بابت ڪو به اعلان نه ڪيو آهي، پر ڪمپني جو چوڻ آهي ته 2024ع دوران فيسبڪ تي به اهڙي آزمائش ڪئي وئي هئي.
You might also like