پي ايس ايل 10: ڪراچي ڪنگز ڊيوڊ وارنر کي ڪپتان بڻائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي ڏهين ايڊيشن لاءِ ڪراچي ڪنگز شان مسعود کان ڪپتاني کسي نئين ڪپتان جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اڳوڻو آسٽريلوي اوپنر ڊيوڊ وارنر پي ايس ايل جي ڏهين سيزن دوران ڪراچي ڪنگز جي قيادت ڪندو.
ڪراچي ڪنگز ڊرافٽ 2025 ۾ وارنر کي پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ چونڊيو هو.
ڪراچي ڪنگز جي مالڪ سلمان اقبال پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ”اسان ڊيوڊ وارنر کي ڪراچي ڪنگز ۾ ڪپتان طور ڀليڪار چئون ٿا. “
سندس چوڻ هو ته ” وارنر جي ليڊرشپ واري ڪوالٽي ۽ هڪ ميچ ونر واري خوبي اسان جي ٽيم جي ويزن سان هڪجهڙائي رکي ٿي.
واضح رهي ته پي ايس ايل سيزن 10 ۾ ڪراچي ڪنگز پنهنج پهرين ميچ 12 اپريل تي پنهنجي هوم گرائونڊ تي ملتان سلطانز خلاف کيڏندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.