ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي بنگلاديشي ڪپتان تميم اقبال کي ميچ دوران دل جو دورو پوڻ بعد ترت طبي امداد فراهم ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ کيس ويجهي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي سخت نگراني هيٺ رکيو ويو آهي.
تميم اقبال ڍاڪا پريميئر ڊويزن ليگ جي هڪ ميچ ۾ محمدن اسپورٽنگ ڪلب جي قيادت ڪري رهيو هو، جڏهن کيس دل ۾ تڪليف محسوس ٿي.
ميچ جي شروعات بعد، هو رڳو هڪ اوور تائين فيلڊنگ ڪري سگهيو، ڇاتيءَ ۾ تڪليف وڌڻ بعد هو ميدان کان ٻاهر هليو ويو.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته تميم اقبال جي شريان بند هئي، جنهن سبب سندس اينجيوگرافي ڪئي وئي.
تميم اقبال جي فيسبڪ پيج تي جاري ڪيل بيان موجب، صبح ٽاس کانپوءِ هن ترت ٽيم جي فزيو ۽ ٽرينر کي ٻڌايو ته کيس ڇاتيءَ ۾ هلڪي تڪليف محسوس ٿي رهي آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته شروعات ۾ کيس لڳو ته هي گئسٽرڪ مسئلو آهي، جنهن لاءِ هن دوا ورتي، پر جڏهن حالت بهتر نه ٿي ته ڪجهه وقت بعد کيس احتياط طور ويجهي اسپتال نيو ويو.
ٽيم مئنيجر سان صلاح مشوري کانپوءِ تميم جي بهتر علاج لاءِ هڪ هيلي ڪاپٽر جو بندوبست ڪيو ويو، ٽيسٽ جي نتيجن مان سندس دل جي شريان ۾ بلاڪ هجڻ جي تصديق ٿي.
ڪرڪ انفو موجب، تميم کي ٻيهر ميدان تي آندو ويو هو ۽ هڪ ايئر ايمبولينس جو به انتظام ڪيو ويو، پر طبي پيچيدگين سبب اهو ممڪن نه هو، جنهن ڪري کيس ٻيهر ساڳئي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو.
چيف ڪرڪيٽ ڪوچ مونٽو دتا جو چوڻ آهي ته تميم اقبال ٽاس وقت بلڪل ٺيڪ هو، پر پوءِ حالتت خراب ٿيڻ بعد ميدان مان ٻاهر نڪري ويو ۽ پنهنجي ڪار تي اسپتال پهتو.
ڊاڪٽرن کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو ان جي باوجود گرائونڊ واپس موٽي آيو ۽ ايئر ايمبولينس جو بندوبست ڪرڻ لڳو.
بعد ۾ کيس ٻيهر اسپتال نيو ويو، جتي سندس وڌيڪ ٽيسٽ ڪيا ويا.
ڊاڪٽرن جي مشوري تي سندس اينجيوگرام ۽ اينجيوگرافي ڪئي وئي ۽ کيس دل جي بيمارين جي خاص يونٽ ۾ سخت طبي نگراني هيٺ رکيو ويو آهي.
واضح رهي ته تميم اقبال 2007 ۾ بنگلاديش لاءِ ون ڊي ڊيبيو ڪيو ۽ ان ئي سال پهريون ٽيسٽ ميچ به کيڏي، هو مختلف وقتن تي بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت پڻ ڪري چڪو آهي.
هو عالمي ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽن ۾ سنچريون اسڪور ڪري چڪو آهي، ان کانسواءِ هو ڏهه هزار رنسون ٺاهيندڙ پهريون بنگلاديشي بيٽر پڻ آهي.
You might also like