”ٻن سالن ۾ ايترو ڪم ڪنداسين جو هر گهٽي مان جيئي ڀٽو جو آواز ايندو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ٻن سالن ۾ ايترو ڪم ڪنداسين جو هر گهٽي مان جيئي ڀٽو جو آواز ايندو.
صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان چونڊن کان اڳ جيڪي واعدا ڪيا هئاسين اهي پورا ڪنداسين، اسان جي سياسي جماعت بابت جيڪو تاثر ڏنو ويندو هو، اهو ختم ٿي رهيو آهي، پ پ ڪم ڪري رهي آهي.
هن چيو ته اسان ايندڙ ٻن سالن ۾ ايترو ڪم ڪنداسين جو هر گهٽي مان جيئي ڀٽو جو آواز ايندو، پاڻي جو مسئلو به حل ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.