ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورنگي ڪاز وي ملير ايڪسپريس وي تي پوليس مقابلي ۾ ٻن ڦورن کي گرفتار ڪيو ويو.
پوليس موجب ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ مقابلي کانپوءِ ٻن ڦورن کي زخمي حالت ۾ هٿيارن، موبائل فونز ۽ موٽر سائيڪل سميت گرفتار ڪيو ويو.
پوليس ٻڌايو ته زخمي جوابدارن خلاف چوري ۽ ڦر جا ڪيترائي ڪيس داخل آهن ۽ هنن لانڍي ڪورنگي فيڪٽري ايريا ۽ ڀرپاسي ۾ 100 جي لڳ ڀڳ وارداتن جو اعتراف ڪيو آهي.
پوليس موجب گرووهه ۾ شامل ٻيا جوابدار رات دير سان شاهه فيصل پل، سنگر کان گودام چورنگي تائين وارداتون ڪندا آهن.
You might also like