مائونٽ مينگنوئي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽر عبدالصمد چيو آهي ته اسان نوجوانن کي آزمائي رهيا آهيون، فوڪس ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ تي آهي.
مائونٽ مينگنوئي ۾ نيوزيلينڊ خلاف ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي عبدالصمد چيو ته اسان هاڪاري سوچ سان اڳتي وڌي رهيا آهيون، گذريل ميچ سڀني جي سامهون آهي، کوڙ ڳالهيون هاڪاري هيون.
هن چيو ته اسان گهڻو ڪجهه سکي رهيا آهيون ۽ فائدو ٿي رهيو آهي، سڀني کي خبر آهي ته نيوزيلينڊ جي ڪنڊيشن ڪهڙي هوندي آهي، ينگ ٽيم ان ڪري وٺي آيا آهيون ته جيئن سڀني کي ٽيسٽ ڪيون، ايندڙ ميچن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.
سندس چوڻ هو ته هر ڏينهن هڪجهڙو ناهي هوندو، حسن نواز ٻه ڀيرا ٻڙي تي آئوٽ ٿيو ۽ پوءِ سينچري اسڪور ڪيائين، جيڪو وڏو ڪارنامو آهي.
You might also like