ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان پنهنجي عظيم اڳواڻن جي قربانين کي ڪڏهن نه وسارينداسين.
اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ ڪابينا ميمبرن سان گڏ قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.
وڏي وزير چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان کي يڪجهتي، ڀائيچاري ۽ هڪٻئي سان سهڪار جو درس ڏئي ٿو، ملڪ ۾ امن قائم ڪنداسين ۽ ان کي ترقي ڏيارينداسين.
سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج اسان جو فخر آهي ۽ سڄي قوم فوج سان گڏ بيٺي آهي، ملڪ ۾ جاري دهشتگردي جي لهر خلاف سڀني کي هڪ ٿيڻو پوندو.
مراد علي شاهه مذهبي هم آهنگي تي زور ڏيندي چيو ته هتي سڀني مذهبن جي ماڻهن کي مڪمل آزادي ۽ برابر حق حاصل آهن.
Prev Post
You might also like