ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت عيدالفطر جي موقعي تي ٽرانسپورٽ آفيسرن جون موڪلون ختم ڪري ڇڏيون.
سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ موجب ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ عملي جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن ته جيئن پنهنجي پيارن ڏانهن عيد ملهائڻ لاءِ ويندڙ واڌو ڀاڙي کان بچي سگهن.
هن چيو سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته عوام کي عيد جي موقعي تي سفر جي حوالي سان ڏکيائيون پيش نه اچن، تنهن ڪري عوام جي سهولت لاءِ ٽرانسپورٽ آفيسر پنهنجون ذميواريون نڀائيندا.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته عوام کان واڌو ڀاڙو وصول نه ڪيو وڃي، ڪنهن به واڌو ڀاڙو ورتو ته ڪارروائي ٿيندي.
You might also like