ويلڪم جي سيٽ تي انيل ڪپور ۽ نانا پاٽيڪر منهنجو ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهندا هئا: مليڪا شراوت

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا مليڪا شيراوت انڪشاف ڪيو آهي ته 2007 جي مشهور فلم ”ويلڪم“ جي سيٽ تي انيل ڪپور ۽ نانا پاٽيڪر منهنجو ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ وڙهندا هئا.
هڪ انٽرويو ۾ مليڪا شيراوت پنهنجي فلمي ڪيريئر ۽ ماضي جي دلچسپ تجربن تي روشني وڌي.
هن فلم ويلڪم جي سيٽ جو ذڪر ڪندي چيو ته انيل ڪپور ۽ نانا پاٽيڪر وچ ۾ هڪ مزاحيا سلسلو هلندو هو ته جيئن منهنجو ڌيان حاصل ڪري سگهن، جنهن سبب مان پاڻ کي خاص محسوس ڪندي هيس.
واضح رهي ته ويلڪم ۾ انيل ڪپور، اڪشي ڪمار، نانا پاٽيڪر، ڪترينا ڪيف ۽ مليڪا شراوت مک ڪردار نڀايا هئا.
فلم جي ڪاميابي کانپوءِ ان جو سيڪوئل ”ويلڪم بيڪ“ جي نالي سان 2015 ۾ رليز ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.