نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي هاڪي اسٽار اولمپيئنز شادي ڪري ڇڏي.
ڀارتي هاڪي ٽيم جي اولمپيئن منديپ سنگهه ۽ وومينز ٽيم جي اولمپيئن اوديتا دوهن جي شادي ٿي وئي.
30 ورهين جي منديپ ۽ 27 ورهين جي اوديتا جي شادي جالنڌر ۾ ٿي، ٻنهي جي هاڪي جنون کين هڪٻئي جي ويجهو آڻي ڇڏيو.
منديپ سنگهه اولمپڪ گيمز ۾ بيڪ ٽو بيڪ برانز ميڊل کٽيندڙ ڀارتي هاڪي ٽيم جو حصو آهي، جڏهن ته اوديتا دوهن ٽوڪيو اولمپڪس ۾ چوٿين پوزيشن حاصل ڪندڙ وومين هاڪي ٽيم جو حصو هئي.
منديپ 260 ۽ اوديتا 120 ميچن ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪئي آهي.
You might also like