اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته شمسي توانائي جي حوالي سان حڪومت جي پاليسي ۽ ترجيحن ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، بجلي اگهن جي حوالي سان جلد خوشخبري ڏينداسين.
پاور ڊويزن جي معاملن تي جائزي لاءِ اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته بجلي اگهن ۾ لاٿ جي حوالي سان هڪ گڏيل ۽ اثرائتي حڪمت عملي تحت پيڪيج تيار ڪيو پيو وڃي، جنهن جو جلد اعلان ڪيو ويندو.
هن چيو ته پاور سيڪٽر ۾ سڌارن سبب عوام کي بجلي اگهن ۾ وڌيڪ رليف فراهم ڪنداسين، نئين توانائي کي هٿي حڪومت جي ترجيح آهي.
You might also like