پاڪ فوج ڪنهن به قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي: صدر آصف زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪ فوج ڪنهن به قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
ايوان صدر ۾ يوم پاڪستان جي فوجي پريڊ کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جاگرافيائي سياسي چيلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته ان جي بهادر فوج قوم جي سهڪار سان بي مثال قربانيون ڏئي رهي آهي.
هن چيو ته ڀارت سدائين پاڪستان تي بري نظر وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جڏهن ته خارجي ۽ ٻيون دهشتگرد تنظيمون پنهنجا ناپاڪ مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿيون پر قوم ۽ پاڪ فوج گڏ آهي ۽ اهڙا ناپاڪ عزم ناڪام بڻائينداسين، پاڪستان ۾ مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي.
صدر آصف علي زرداري دفاع کي مضبوط بڻائڻ ۽ زراعت سميت معاشي شعبن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، هن نوجوانن کي قوم جو اثاثو قرار ڏنو ۽ مٿن تحقيق تي ٻڌل تعليم ۽ جديد ترين ٽيڪنيڪي تربيت کي ترجيح ڏيڻ تي زور ڏنو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي استحڪام ۽ امن کي يقيني بڻائڻ تي ٻڌل آهي، پنهنجي پاڙيسرين ۽ عالمي برادري سان مضبوط لاڳاپا چاهيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.