افغانستان مان دراندازي جي ڪوشش ناڪام، سيڪيورٽي فورسز 16 خارجين کي ماري ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ خارجين جي دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 16 خارجين کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي غلام خان ڪيلي ۾ خارجين دراندازي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي سيڪيورٽي فورسز ناڪام بڻائي ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته 22 ۽ 23 مارچ جي رات خارجين پاڪ – افغان سرحد تي دراندازي جي ڪوشش ڪئي ۽ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ سمورا 16 خارجي مارجي ويا.
بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان مسلسل افغانستان جي عبوري حڪومت کان اثرائتي بارڊر مينيجمينٽ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، اميد ته افغان حڪومت پنهنجون ذميواريون نڀائيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.